سعيد احمد اعواڻ

سعيد احمد اعواڻ

سعيد احمد اعواڻ

سعيد احمد اعواڻ: علم ۽ ادب دوست آفيسر ۽ موجوده سيڪريٽري ڪلچر، ٽوئرزم ۽ اينٽي ڪوئٽيز سنڌ، سعيد احمد اعواڻ، 26 سيپٽمبر 1964ع تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر منظور علي اعواڻ جي گهر ۾، جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليمي لياقت ايم. اي (اڪانامڪس) آهي. هن ملازمتن جي ڪيريئر دوران مختلف کاتن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جهڙوڪ: (1) ڊائريڪٽر سيٽلمينٽ اينڊ سروي، بورڊ آف روينيو، (2) ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو کاتو، (3) پروگرام ڊائريڪٽر، سنڌ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام (21 ڊسمبر 2011ع کان 27 سيپٽمبر 2012ع تائين)، (4) سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جو سيڪريٽري (30 سيپٽمبر 2012ع کان 20 مارچ 2013ع)، (5) 10 اپريل 2013ع کان سندس خدمتون ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي حوالي ڪيون ويون. هن وقت جيئن ته ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتا ملائي هڪ کاتو ڪيو ويو آهي، ان ڪري وٽس ٽنهي شعبن جون انتظامي ذميواريون آهن.
سعيد احمد اعواڻ مطالعي جو بيحد شوق رکي ٿو. سندس والد به علم دوست شخص هو، جنهن سچل سرمست جي عرس ۽ ڪانفرنسن ڪوٺائڻ ۾ وڏي دلچسپي ورتي هئي. سعيد اعواڻ صاحب ۾ به والد واريون ساڳيون خوبيون ۽ ادبي ذوق موجود آهي. هن ثقافت کاتي ۾ مقرريءَ دوران ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن ۽ موهن جي دڙي جي تحفظ، توڙي ڪلچرل ڪامپليڪسن جي تياريءَ ۾ وڏي دلچسپيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.09.26  عيسوي

سعيد احمد اعواڻ، 26 سيپٽمبر 1964ع تي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر منظور علي اعواڻ جي گهر ۾، جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير شاهه مراد
شاهه وسائو
رابرٽ ارسڪن
شهزادي
ڏاهري رضا محمد
جعفري ضمير
ثريا 1
پنهور حاجي خان
شادي شهيد فقير
ٿڌاڻي هوتچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون